SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


شراڪتي سرشتو- ڪثرت يا گهڻ پسندي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


شراڪتي سرشتو- ڪثرت يا گهڻ پسندي

Pluralism

پلُورلزم

انگريز ڏاهي ‘جان لاڪ’ جي سوچن مان ڦُٽي نڪتل هڪ آزاد خيال نظريو ، جنهن موجب ملڪي سياسي نظام يا بين الاقوامي سرشتو ڪنهن هڪ ڌُر يا طاقت جا محتاج نه پر گهڻن ڌُرين/ مُحرڪن تي ٻڌل هوندا آهن . هي نظريو بنيادي طور هيٺين چئن جُزن تي ٻڌل آهي .
(1). مُلڪي توڙي بين الاقوامي معاملن ۾ ‘غير رياست ڌُرين’ جو ڪردار انتهائي اهم آهي .
(2). رياست يا طاقت جو تصور ساڪت جامد نه پرلاڳاپيل مختلف ڌُرين/ شُعبن ۽ حلقن جي شموليت ۽ ڀائيواريءَ سان مقابلي ، هم- آهنگي ، ڏي – وٺُ ذريعي جُڙي ٿو ، تنهنڪري رياست يا طاقت طرفان ٿيندڙ فيصلن ۾ سڀني واسطيدار پرتن (Stake-holders)جي شراڪت ضروري آهي .
(3). رياست ۽ بين الاقوامي سرشتي جي پيچيده هنڻ ۽ گهڻين ڌُرين جي ورهايل/ الڳ الڳ ترجيحن سبب لازمي نه آهي ته سندن طرفان ٿيندڙ سڀ فيصلا جائز يا عقلمنديءَ ڀريا هجن .
(4). رياستي يا بين القوامي ترجيحن ۾ قومي ۽ جاگرافيائي سلامتيءَ واري نُڪتي سان گڏ معاشي ، سماجي ۽ ماحولياتي مامرن کي به جوڳي اهميت ملڻ کپي .
اڄوڪي دور ۾ هن نظريي جي پرچار ۾ ‘جوزف ناءِ’ Joseph Nye)) ۽ ‘رابرٽ ڪيهان’ (Robert Keohane) جي لکڻين کي وڏي اهميت مليل آهي


Remember Me Also:

ڏونگري

ث. اوڀڙ جو هڪ قسم ، بصر ، پيازُ. ڪپڙن وغيره سَٽَڻ لاءِ ڪاٺ جو اوزارُ ، سَونٽِي ، ڏُڱِري. ڏينڀوءَ جو هڪ قسم ڪ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal